سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ ڳڙهي خيرو واسين جو زمين تي مبينا قبضي خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ ڳڙهي خيرو جي ڳوٺ ڪجلو خان لهر واسين زرعي زمين تي مبينا قبضي ۽ بااثر مائٽن خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. پورهيت شهباز خان لهر دانهيو ته ڏاڏي ريحان خان جي نالي ديهه رسول آباد ۾ 200 جريب زرعي زمين تي مون سميت سئوٽ خيرمحمد، الطاف ۽ صابر مختلف فصل ڪري پيٽ گذر ڪندا آهيون. هن الزام لڳايو ته ٻوڏ دوران ڳوٺ مان لڏي ڳڙهي خيرو ۾ عارضي رهائش اختيار ڪئي ته پٺيان بااثر سئوٽ خيرمحمد لهر پٽن شمن علي، منٺار علي، ڀائرن علي غلام ۽ محب علي عرف سهراب لهر سان گڏجي زمين تي قبضو ڪري اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد کي اپيل ڪئي ته بااثر سئوٽ سندس پٽن ۽ ڀائرن خلاف ڪارروائي ڪري زمين تان قبضو ختم ڪرائي انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button