قبوسعيد خان ۾ ٻوڏ متاثرن ۽ پيپلز پارٽي جي سپاف، يوٿ جي ورڪرن متاثرن لا آيل ٽينٽ، راشن کٽون، ڪمبل ۽ ٻيو سامان نه ملڻ خلاف شهيد راڻي چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي سپاف اڳواڻ غلام مصطفى مگسي، حسين بخش کوسو، غلام مرتضى مگسي، محمد سومر سنديلو، محمد اسحاق مگسي، احمد خان باغي، سلام مگسي، سردار مگسي، ملان غلام رسول مگسي، خالد کوسو، ظھير احمد مگسي، زرق خان کوسو، ظھير احمد کوسو، ذوالفقار چانڊيو، غلام عباس مسواڻي مگسي، سڪندر علي کوسو سميت ٻين چيو ته جيڪڏهن اسان ٻوڏ متاثرن کي حق نه مليو ته اسان قمبر ۾ ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻو ھڻنداسين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close