پاڪستانسنڌ

ٽنڊي آدم ۾ ڪتا مار مهم بي لاڀ،ٻن ٻارڙن سميت وڌيڪ 5 ڄڻا زخمي

ٽنڊوآدم: ٽنڊوآدم ۾ ڪتي جي حملي ۾ مرڻينگ ٿيل ٻارڙي جي حالت ۾ سڌارو اچڻ لڳو. ڪمشنر جي نوٽيس وٺڻ بعد عملي رڳو 12 ڪتا ماريا. رولو ڪتن وڌيڪ 5 ماڻهن کي ڏاڙهي ڇڏيو. رپورٽ موجب ٽنڊوآدم ۾ رولو ڪتن مهيني ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻهن کي زخمي ڪيو آهي. گذريل ڏينهن مبارڪ ڪالوني ۾ ڇتي ڪتي 4 سالن جي ٻارڙي امجد ساند کي ڇتي ڪتي منهن ۾ چڪ هڻي ماس پٽيو هو، واقعي جو ڪمشنر شھيد بيظيرآباد رشيد احمد زرداري نوٽيس ورتو ۽ ميونسپل توڙي روينيو عملدارن کي سختي سان هدايتون ڏنيون، جنهن کانپو ميونسپل انتظاميا شهر جي مختلف علائقن ۾ رڳو 12 ڪتا ماريا. هوڏانهن ميونسپل ۾ مالي بحران سبب في ڪتو ماريندڙ لا رڳو 50 رپيا انعام جي اعلان سبب عملي ڪتا مار مهم ۾ دلچسپي نه ورتي. ٻئي طرف ڄامشورو اسپتال منتقل ٿيل 4 سالن جي ٻارڙي امجد ساند جي حالت ۾ سڌارو اچڻ تي کيس گهر منتقل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته شهر ۽ ڀرپاسي ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن 5 ڄڻن ڳوٺ پيرو فقير شورو ۾ 30 سالن جي مٺو پٽ جاڙو، 5 سالن جي طاهر پٽ پيربخش، ڳوٺ سچو ساند ۾ 40 سالن جي مٺو، الهيار ڳوٺ ۾ 36 سالن جي پرڻيل عورت مسرت ۽ ڳوٺ غلام قادر جوڻيجو ۾ 7 سالن جي بابو کي ڏاڙھي زخمي ڪري ڇڏيو، جن کي وارثن کڻائي تعلقي اسپتال آندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button