پاڪستانسنڌ

ڪڪڙ ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شهرين ۽ واپارين جو احتجاج

ڪڪڙ: ڪڪڙ ۾ وڌندڙ بدامني خلاف سياسي سماجي اڳواڻن، شهرين ۽ واپارين چيمبر آف ڪامرس دادو جي اڳوڻي صدر محمد اقبال چارڻ، سنڌ ترقي پسند پارٽي اڳواڻ سيد اعجاز شاهه شيرازي، واپاري سيد فيروز شاهه، پ پ (ش ڀ) اڳواڻ غازي درمحمد بروهي، شاهنواز بروهي، واپاري ايم اسماعيل ٻٻر، سردار اسلم بروهي، منير ٻٻر ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته شھر مان 22 موٽرسائيڪلن سميت ٻيو قيمتي سامان چوري ٿي ويو آهي، چوريون روز جو معمول بڻيل آھن پر افسوس پوليس هڪ ڏوهه به رڪور ڪرائي نه سگهي، نه ئي ڪو چور پڪڙڻ لا تيار آھي، بدامني سبب واپارين سميت شھري غيرمحفوظ بڻيل آھن. واپارين ۽ سياسي، سماجي اڳواڻن، ايس ايس پي دادو کان وڌندڙ بدامني ۽ ڪڪڙ پوليس جي نااهلي جي نوٽيس وٺڻ ۽ چوري ٿيل موٽرسائيڪلون واپس ڪرائي، شھرين ۽ واپارين ۾ ڦھليل بيچيني ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. هنن چيو ته بدامني تي ضابطو ۽ چوري ٿيل موٽرسائيڪلون واپس نه ٿيڻ جي صورت ۾ انڊس هاءِ وي بلاڪ ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button