سنڌ

موهن جو دڙو تي اٽلي ۽ سوئيٽزرلينڊ جي وفد جو دورو

سنڌ جي قديم ماڳ موهن دڙو جو اٽلي ۽ سوئيٽزرلينڊ جي گڏيل طور تي 15 ڄڻن جي وفد دورو ڪيو. مس تانيا جي اڳواڻي ۾ اٽلي ۽ سوئزرلينڊ کان آيل مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ 15 ڄڻن تي مشتمل سياحن جو پرڏيهي وفد موهن جو دڙو پهتو. اسٽوپا، گريٽ باٿ ميوزيم ۽ ٻين تهذيبي آثارن جو دورو ڪيو، وفد ۾ 9 مرد ۽ 6 عورتون شامل هيون. ان موقعي تي پرڏيهي وفد جي اڳواڻي ڪندڙ مس تانيڪا ميڊيا کي ٻڌايو ته موهن جو دڙو ڏسي حيرت ٿي آهي ڇاڪاڻ ته هتي اچي خبر پئي آهي تہ هي ماڳ وڏي ايراضي تي مشتمل آهي، هن چيو ته ماڳ ڏسي ڪافي مشاهدو ٿيو آهي ۽ ماڳ بابت وڌيڪ ڄاڻ به ملي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button