پاڪستانعالمي

ڪينيا جي هيومن رائٽس ڪميشن به ارشد شريف جي موت کي قتل قرار ڏئي ڇڏيو

ڪينيا هيومن رائٽس ڪميشن به ارشد شريف جي موت کي قتل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ڪينين هيومن رائٽس ڪميشن جي مارٽن ماوين جينا خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته ارشد شريف کي هڪ پلان تحت قتل ڪيو ويو. مارٽن ماوين جينا چيو ته جاچ مان ظاهر ٿئي ٿو ته هي اندر جي ماڻهن جي ڪارروائي آهي، ڪارروائي مان ظاهر ٿئي ٿو ته ارشد شريف جي نگراني ڪئي پئي وئي. هن چيو ته پوليس جو موقف ڪمزور آهي ته ارشد شريف جو قتل غلط سڃاڻپ سبب ٿيو، ارشد شريف جنهن گاڏي ۾ سفر ڪري رهيو هو اها خاص ماڻهو ئي استعمال ڪندا آهن. هن چيو ته اها ڳالهه واضح آهي ته ارشد شريف تي گولي هلائيندڙ تربيت ورتل ماهر هئا، دنيا جي سڀني ملڪن ۾ ڪرپشن جي معاملي ۾ ڪينيا پوليس جو ٽيون نمبر آهي. هن چيو ته ڪينيا پوليس جي ٻن ڏهاڪن جي انساني حقن جي ڀڃڪڙين کي دستاويزي شڪل ڏني وئي آهي. ڪينيا پوليس غير قانوني قتل ۽ کنڀي گم ڪرڻ جي حوالي سان بدنام آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button