پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ منشيات فروشن ۽ پوليس خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

ميرپورخاص: ننگرپارڪر جي ڳوٺ واڻڪي جي وانڊيو واسي ڳوٺاڻن ٽيڪم ڪولھي ۽ پرشوتم ڪولھي پريس ڪلب پھچي بااثرن ۽ حد جي پوليس خلاف پريس ڪلب ميرپورخاص اڳيان احتجاج ڪيو. هنن صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته ڳوٺ ۾ ڀورجي ڪولھي، پرڀو، نيڻو، ڀيمون ڪولھي ۽ ٻين جو نڪچي شراب جون بٺيون ھلندڙ آھن جتي روز ھزارين ليٽر ڪچو شراب وڪرو ڪيو وڃي ٿو، ھر وقت موالين جي رش لڳل ھوندي آھي، اسان جون عورتون پاڻي ڀرڻ وڃن ٿيون ته موالي عورتن سان ڇيڙڇاڙ ڪرڻ سميت گار گند ڪن ٿا، شڪايت ڪرڻ بااثر منشيات فروش مڇرجي پيا، جن اسان جي گھرن تي ڪاهھ ڪري لٺين سان سخت تشدد ڪيو ۽ عورتن جا ڪپڙا ڦاڙي تذليل ڪئي، شڪايت ڪرڻ باوجود ننگرپارڪر پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري اسان کي داٻا ڏئي ٿاڻي مان ڪڍي ڇڏيو. هاڻ بااثر منشيات فروش گھرن کي باھيون ڏيڻ سميت موتمار ڌمڪيون ڏين پيا. ھنن ڊي آئي جي ميرپورخاص ۽ ايس ايس پي ٿرپارڪر کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس منشيات فروشن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button