راضيديرو/پيرجوڳوٺ: راضيديرو ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ، 2 پورهيت قتل، لاش رکي 5 ڪلاڪ ڌرڻو. تفصيل موجب راضيديرو جي ڪچي ۾ لانڍيون ٿاڻي جي حد خيرپور لاڙڪاڻو باءِ پاس روڊ تي انڙ پئٽرول پمپ وٽ دڪان تعمير ڪندڙن مٿان هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 55 سالن جو شهمير ڪلهوڙو ۽ 30 سالن جو عمر ڪلهوڙو گوليون لڳڻ سبب ٿڏي تي قتل ٿي ويا. جڏهن ته جوابدارن جي گرفتاري لا متاثر ڌر پاران خيرپور لاڙڪاڻو روڊ بند ڪري 5 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي محمد ملوڪ ڪلهوڙو ميڊيا کي ٻڌائيندي چيو ته اسان جا همراهه دڪان ٺهرائي رهيا هئا ته هٿياربندن اسان مٿان فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ شهمير ۽ عمر ڪلهورو قتل ٿي ويا آهن، يونس جتوئي، لطيف جتوئي ۽ اصغر جتوئي وارن اسان مٿان ڪارنهن الزام مڙهي اسان جا همراهه قتل ڪيا آهن، پر پوليس جوابدارن جي گرفتاري لا ڪي به قدم نه کنيا آهن، ٻي طرف ڊي ايس پي اڳڙا منير احمد مهيسر ۽ 5 ٿاڻن اڳڙا، محبوب ڪلهوڙو، سوڀوديرو ۽ بهارو ٿاڻن جي پوليس جي ڳالهين باوجود متاثرن ڌرڻو ختم نه ڪيو، جنهن کان پو شاهنواز ڪلهوڙو واقعي واري هنڌ پهچي جوابدارن جي گرفتاري جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو. هوڏانهن ٻنهي مقتولن جا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. جڏهن ته لاش پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close