نوشهروفيروز: نوشهروفيروز ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ ۽ فنڊن ۾ گهوٻين خلاف سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي ڊي سي آفيس آڏو علامتي بک هڙتال، سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گهانگهرو، حمز علي چانڊيو، منير وسطڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڊي سي آفيس جي مک گيٽ آڏو ڪيترائي ڪلاڪ علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي سنڌو نواز گهانگهرو خطاب ڪندي چيو ته نوشهروفيروز ۾ هزارين متاثر بکن ۾ پاهه، بدحالي ۽ مسئلن جو شڪار آهن، ضلعي ۾ اڃا تائين ٻوڏ ۽ برسات جو پاڻي بيٺل آهي، انتظاميا صرف حڪومتي ڌر جي خاص ماڻهن جي زمينن مان پاڻي ڪڍرايو آهي، متاثرن جي ڪا واهر ناهي ٿي، جڏهن ته متاثرن لاءِ آيل فنڊن ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي، ڊي سي تاشقين عالم عوام جو نمائندو ٿيڻ بدران پ پ اڳواڻن جو خاص ماڻهو بڻجي ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ٻوڏ متاثرن جي واهر ڪري ضلعي جي ماڻهن جا بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close