اسلام آبادپاڪستان

پاڪستان کي دهشتگردي خلاف پاليسين تي نظرثاني ڪرڻي پوندي:بلاول ڀٽو

اسلام آباد :پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستاني رياست کي دهشتگردي خلاف پاليسين تي نظرثاني ڪرڻي پوندي. آمريڪي سازش واري بيان کي عمران خان ڇڏي ڏنو آهي ته اسان کي به ان کي ڇڏي ڏيڻ گهرجي. ڀارت جا بلوچستان ۾ هٿياربند گروهن سان ناتا آهن. اڳوڻي حڪومت جي خلاف ڪابه آمريڪي سازش نه ٿي هئي، عمران خان جي نئين يوٽرن جي آجيان ڪريون ٿا. پاڪ آمريڪا رابطن ۾ گهٽتائي سان ٻنهي ملڪن ۾ مسئلا پيدا ٿيا. آمريڪي سازش جي معاملي تي عمران خان ڦري ويو آهي نه ڪالهه ڪائي آمريڪي سازش ٿي، نه اڄ آهي. اسان مشڪل دور مان گذري آيا آهيون، پرڏيهي پاليسي بابت اسان آڏو چئلينجز هئا، ان ۾ بهتري لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. آرمي چيف جي مقرري جو سوال لاڳاپيل وزارت کان پڇو، خطي ۾ تبديلي جي ڪري گذريل هڪ سال ۾ دهشتگردي جا واقعا وڌيا آهن. دهشتگردي جي واقعن کان انڪار نٿو ڪري سگهجي، اسان جي حڪومت اچڻ کان اڳ ۽ هاڻي به دهشتگردي جا واقعا ٿي رهيا آهن. اسان کي پاليسي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي. جمعي تي هتي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته سمورن ملڪن سان مضبوط لاڳاپن سان اسان عوام ۽ ملڪي بهتري لاءِ ڪم ڪري سگهون ٿا. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ سٺا ۽ تاريخي لاڳاپا آهن، اسان پاڙيسري ملڪن سان سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا. هن چيو ته آمريڪا مختلف شعبن ۾ تعاون بابت پاڪستان جو پراڻو پارٽنر آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان آمريڪا سان برابري جي بنياد تي لاڳاپا چاهي ٿو. اسان جو فوڪس پاڪستان جي مفاد کي اڳيان رکڻ آهي، منهنجي آمريڪي پرڏيهي سيڪريٽري سان به اهم معاملن تي ڳالهه ٿي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا ڪيترائي گڏيل حدف حاصل ڪيا آهن. جڏهن پرڏيهي وزير جو عهدو سنڀاليو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ معاملن تي ڪم ڪيو. هن چيو ته چيني هم منصب سان به ڳالهه ٿي، دهشتگردي، معاشي، سياسي ۽ ٻين معاملن تي چيني قيادت سان ڳالهه ٻولهه ٿي. چين مشڪل مالي حالتن ۾ اسان جي مدد ڪئي ٻنهي ملڪن وچ ۾ سي پيڪ رٿا سميت سمورن معاملن تي هاڪاري ڳالهه ٻولهه ٿي. پرڏيهي وزير چيو ته گذريل 5 کان 6 مهينن جي پرڏيهي پاليسين سبب ملڪ کي فائدو ٿيو آهي، اسان جون سموريون ترجيحون پاڪستان جو مفاد آهي. بلاول ڀٽو چيو ته اسان ڪوشش ڪنداسين ته پاڪستان به ايف اي ٽي ايف جي نظام جو حصو بڻجي. پاڪستان وقت کان اڳ ايف اي ٽي ايف جا ٽارگيٽ حاصل ڪيا. هن چيو ته ڊومور، ڊومور، دهشتگردي جي خلاف جنگ هي سلسلو ختم ٿي ويو، هاڻي نئون مرحلو آهي. هن چيو ته اڳ به چيو هو ته اسان ايڊ نه پر ٽريڊ چاهيون ٿا. هاڻي به انهيءِ موقف تي قائم آهيون. فوڊ سيڪيورٽي ڪانفرنس جي سائيڊ لائن تي آمريڪي وفد سان ملاقات ٿي. جيڪي ملڪ پاڪستان کي گري لسٽ ۾ وجهڻ چاهين پيا انهن ڪڍڻ جو مشورو ڏنو. پرڏيهي وزير چيو ته چاهيون ٿا ته پاڪستان جي عبوري حڪومت واعدا پورا ڪري، سڄي دنيا کي افغانستان سان انگيج ٿيڻ گهرجي. چاهيون ٿا ته افغانستان ۾ سمورن مردن ۽ عورتن کي حق ملن. بلاول ڀٽو چيو ته پاڪستان جي حوالي سان ماضي جي غلطين کي نه ورجائڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button