ڪوٽڙي: ڪوٽڙي جي شھري ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن ديدار شام، شبير ٻنگ، مقصود جهتيال، شبير ساند، نياز ڪابورو، مختيار چنو، احسان آڪاش ۽ ٻين المدينه چوڪ تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج بعد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته علمي، ادبي ۽ تاريخي شھر ڪوٽڙي کي هٿ وٺي منشيات، بدامني ۽ گندگي جي ور چاڙهيو ويو آهي، جنهن خلاف 26 نومبر تي بليڪ مارچ جو اعلان ڪريون ٿا، شهر جي مالڪي لا جدوجهد کي وڌيڪ تيز ڪنداسين. هنن چيو ته ڪوٽڙي شهر جي تاريخي حيثيت رهي آهي پر بدقسمتي سان ان کي هٿ وٺي منشيات، بدامني ۽ گندگي جي ور چاڙهيو ويو آھي، نوجوان نسل کي منشيات جهڙي زهر جي ور چاڙهيو پيو وڃي، شهري غير محفوظ آهن، پوليس منشيات فروشن جي سهولتڪاري ۾ ملوث آهي، هنن چيو ته منشيات، بدامني ۽ شهر کي هٿ وٺي کنڊر بڻائيندڙن خلاف عوامي جاڳرتا مهم هلائينداسين ۽ تحريڪ کي وڌيڪ تيز ڪري عدالتن جو در پڻ کڙڪائينداسين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close