ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي انفرااسٽرڪچر لاءِ ورلڊ بينڪ ۽ سنڌ حڪومت جي منصوبن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي جي ترقياتي منصوبن ۾ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندي ٽينڊڈر ڏيڻ بابت ڪيس جي شنوائي ٿي، جنهن تي عدالت سمورن منصوبن جا تفصيل طلب ڪندي هر ٽينڊر جي قيمت ۽ نوعيت جا تفصيل فراهم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. درخواست ۾ سنڌ حڪومت، ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن (ڪي ايم سي)، ايم ڊي سپرا ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي جي انفرااسٽرڪچر لاءِ 3 ارب 60 ڪروڙ روپين جا منصوبا جاري آهن، ۽ هي منصوبو “ڪلڪ” جي نالي سان جاري آهي. درخواستگذار چيو ته قاعدن موجب منصوبن ۾ شفافيت لازمي آهي، پارٽين ڪنهن به ترقياتي منصوبي لاءِ ڪوبه اشتهار جاري ناهي ڪيو، پارٽيون ايمرجنسي جي آڙ ۾ اهو ڪم ڪري رهيون آهن. عدالت کي استدعا ڪئي وئي ته هر پروجيڪٽ جي ٽينڊر جا اشتهار جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي وڃي جڏهن ته درخواست ڏيندڙن کي ٽينڊرز ۾ حصو وٺڻ جو حق پڻ ڏنو وڃي. عدالت ڌرين کي 21 نومبر جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.