ڪراچي: ناظم جوکيو قتل ڪيس نئون رخ اختيار ڪري ورتو آهي، جوابدار سليم سالار مقتول جي وارثن سان صلح نامي جي درخواست مان نالو ڪڍڻ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. ڪراچي جي ملير ڪورٽ ۾ ناظم جوکيو قتل ڪيس جي شنوائي دوران صوبائي اسيمبلي جو ميمبر ڄام اويس عدالت ۾ پيش ٿيو. شنوائي دوران جوابدار سليم سالار مقتول جي وارثن سان صلح نامي جي درخواست مان نالو ڪڍڻ جي درخواست داخل ڪئي ۽ موقف اختيار ڪيو ته مان بيگناهه آهيان ۽ ان جي بنياد تي آزاد ٿيڻ چاهيان ٿو، پاڻ تي داغ لڳائڻ نٿو چاهيان.
عدالت جوابدار سليم سالار جو نالو ٺاهه واري لسٽ مان ڪڍندي ڪيس جي شنوائي 3 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ڪراچي جي ضلعي ملير ۾ ڄام اويس جي فارم هائوس تي 27 سالن جي ناظم جوکيو کي 3 نومبر 2021 تي تشدد ڪري قتل ڪيو ويو هو. شروعاتي طور مقتول ناظم جوکيو جي ڀاءُ افضل جوکيو الزام لڳايو هو ته مقتول پ پ جي صوبائي اسيمبلي ميمبر ڄام اويس ۽ سندس وڏي ڀاءُ قومي اسيمبلي ميمبر ڄام عبدالڪريم ۽ سندن پرڏيهي مهمانن کي تلور جي شڪار کان روڪيو هو جنهن تان کيس مبينا طور ٺٽي ۾ ڄام اويس جي فارم هائوس ۾ تشدد ڪري قتل ڪيو ويو.