اسلام آباد:اسلام آباد انتظاميا پاڪستان تحريڪ انصاف کان ڪورال چوڪ اسلام آباد کان چڪ بيلي موڙ روات تائين ريلي جي مشروط اجازت ڏيندي درخواست گذار علي نواز اعواڻ کي چيو ته جيڪڏهن 35 شرطن ۾ ڪنهن به هڪ جي خلاف ورزي ٿي ته ان جو ذميوار علي نواز اعواڻ هوندو. ريلي ۾ 18 سال کان گهٽ عمر جي ٻارن جي شرڪت تي پابندي هوندي. ريلي دوران اسلام آباد جي ايڪسپريس وي سميت ڪنهن به شاهراهه کي بلاڪ نه ڪيو ويندو. گذريل ڏينهن ڊسٽرڪٽ مئجسٽريت اسلام آباد مان جاري درخواست تي علي نواز اعواڻ جي تحريڪ انصاف کي پرامن ريلي لاءِ ڪورال کان روات تائين اجازت ڏني وئي. ضلع انتظاميا ريلي لاءِ باقاعده اين او سي جاري ڪري ڇڏيو. ريلي کي پرامن بڻائڻ لاءِ ضلع انتظاميا 35 شرط رکيا آهن. اجازت صرف ڪورال چوڪ کان روات روٽ تائين ڏني وئي آهي. ريڊ زون ۽ باقي علائقن ۾ قلم 144 لاڳو هوندو. ڪنهن به روڊ کي ڪهڙي به طرح سان بلاڪ ڪرڻ جي اجازت نه هوندي. سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن کي هرگز نقصان نه پهچايو ويندو. ريلي لاءِ اسلام آباد ڪيپيٽل پوليس باقاعده ٽريفڪ پلان جاري ڪندي. رياست، مذهب، نظريه پاڪستان خلاف نعرن ۽ تقريرن جي به اجازت نه هوندي. ريلي ۾ هٿيار ڏنڊا وغيره آڻڻ تي ڪارروائي ٿيندي، شرطن جي خلاف ورزي تي قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.:
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close