اسلام آبادپاڪستان

تحريڪ انصاف کان لانگ مارچ لا مالي ضمانت وٺُو:آ جي اسلام آباد

اسلام آباد :پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ ۽ احتجاج جي حوالي سان آءِ جي اسلام آباد پنهنجي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن ۾ تجويز ڏني وئي آهي ته ڪنهن به قسم جي نقصان کي نظر ۾ رکندي تحريڪ انصاف کان مالي ضمانت ورتي وڃي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل تفصيلي رپورٽ ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي ڌمڪين بابت ٿريٽ الرٽ به شامل ڪيو ويو آهي. آءِ جي اسلام آباد رپورٽ ۾ چيو ته پي ٽي آءِ 25 مئي تي به پنهنجي عهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. ان حوالي سان علي امين گنڊاپور ۽ پي ٽي آءِ جي ٻين اڳواڻن جا اشتعال انگيز بيان به رپورٽ جو حصو آهن.آءِ جي اسلام آباد جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ جي هڪ اڳواڻ گهرو وزير کي جان جي ڌمڪي پڻ ڏني. ڪارڪنن کي مارڻ جون وڊيوز به سامهون آيون آهن. جڏهن ته شيخ رشيد ۽ فيصل واوڊا چيو آهي ته اهو خوني مارچ هوندو. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پاڻ اعتراف ڪيو آهي ته ڪجهه ماڻهو هٿياربند آهن. رپورٽ موجب سپريم ڪورٽ واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ميڙاڪي جي اجازت جمهوري حق طور ڏني وئي آهي. سپريم ڪورٽ اهو به قرار ڏنو آهي ته ميڙاڪو آئيني حڪومت کي ختم ڪرڻ لاءِ نه ٿو ٿي سگهي. احتجاج سان سفارتي اچ وڃ به رڪجي وڃي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button