اسلام ڪوٽ: اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ سينهار نانگڙ ۾ پلاٽ جي تڪرار تان مهينو اڳ ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار تان سڌي فائرنگ ۾ قتل ٿيل نوجوان نظر محمد لاکو جي قتل ۾ ملوث بااثر مک جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪري نه سگهي، جنهن خلاف مقتول جي والد سليمان لاکو، چاچي يونس، الهورايو، توڳاچي، عبدالجبار، الهڏنو،الف لاکو ۽ ٻين وارثن پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ جوابدارن جي گرفتاري توڙي انصاف لا نعريبازي ڪندي دانهون ڪيون. ان موقعي تي سليمان لاکو چيو ته ظالمن منهنجي اڪيلي ڪمائيندڙ ڳڀرو پٽ کي قتل ڪري گهر اجاڙي ڇڏيو آهي، پر پوليس مک جوابدارن کي اڃان تائين گرفتار به نه ڪري سگهي آهي، پلاٽ اسان جو هو، جنهن تان مخالف ڌر سان تڪرار ٿيو هو، جنهن جو ايم پي اي ارباب لطف وٽ فيصلو به رکيل هو، پر ان کان اڳ علائقي جي بااثر شوڪت لاکو ٻاهر جا ڏوهاري ۽ مخالف ڌر جا هٿياربند پنهنجي گاڏي ۾ وٺي رات جي وقت اوچتو گهر تي حملو ڪرايو ۽ سڌيون گوليون هڻي منهنجي ڳڀرو پٽ کي قتل ڪري ڀائيٽن ۽ ڀائرن سميت 5 ماڻهن کي زخمي ڪيو، اسان بااثر شوڪت سميت 5 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرايو، پر پوليس ڪيس مان مک جوابدار شوڪت لاکو جو نالو ڪڍي ڇڏيو آهي، پوليس بااثر جوابدارن جي ڌر بڻيل آهي، جنهن سبب بااثر سرعام گهمي رهيا آهن ۽ اسان کي ويتر ڌمڪيون به ڏئي رهيا آهن. هن سيشن جج ٿرپارڪر ۽ ايس ايس پي ٿرپارڪر کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي بااثر جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏئي مقتول جي ٻارن سان انصاف ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close