اسلام آبادپاڪستان

عمران خان 26 نومبر تي راولپنڊي پهچڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اڳوڻي وزيراعظم ۽ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان 26 نومبر تي راولپنڊي پهچڻ جو سڏ ڏئي ايندڙ اهم مرحلي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڪارڪنن کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان سڀني کي 26 نومبر ڇنڇر جي ڏينهن هڪ وڳي راولپنڊي پهچڻو آهي، اسان کي حقيقي آزادي لا گهرن مان نڪرڻو آهي، تنهن ڪري 26 نومبر تي سڄي قوم پنڊي پهچندي، جتي آئون پاڻ به مارچ جو حصو بڻجي ويندس، اسان صاف ۽ شفاف اليڪشن جو مطالبو ڪنداسين. روات ۾ آزادي مارچ جي شريڪ ماڻهن سان وڊيو لنڪ تي مخاطب ٿيندي هن چيو ته حقيقي آزادي جي تحريڪ 7 مهينا پهرين شروع ٿي، سڄي ملڪ ۾ جلسا ڪيا، ماڻهن پنهنجون حياتيون ڏنيون، ان دوران 25 مئي تي جيڪو ظلم ٿيو اهو اسان ڪڏهن به نه وسارينداسين، ماڻهن تي تشدد ڪيو ويو ۽ بنا وارنٽ جي انهن جي گهرن تي ڇاپا هنيا ويا، مون تي 23 ايف آر آرون ڪٽيون، جڏهن ته اسلام آباد ۾ سوشل ميڊيا جي ماڻهن تي تشدد ڪيو، اسان بلوچستان جي دهشتگردن جهڙو سلوڪ ڪيو ويو، جن مون کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي اهي پنهنجي سيٽن تي ويٺا آهن، مون کي ائين رکيو ويو ڄڻ غدار هجان، اهڙو ظلم ڪيو ويو ڄڻ پاڪستاني به نه هجان، پاڪستاني اڄ نيوٽرل نه ٿين، ٻي صورت ۾ توهان جا ايندڙ نسل پڇتائيندا. عمران خان وڌيڪ چيو ته راولپنڊي ۾ مارچ کي خطاب ڪندس ۽ ايندڙ لائحه عمل ٻڌائيندس، حقيقي آزادي ملڻ تائين هي احتجاج جاري رهندو، مون کي خبر آهي ته منهنجي حياتي کي خطرو آهي پر ان باوجود به راولپنڊي اچڻ جو پلان ڏئي رهيو آهيان. هن الزام هنيو ته ملڪ جي سڀ کان وڏي وفاقي پارٽي کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، ڪيترن هنڌن تي خط پهتا ته جلسو نه ڪريو، حياتي لا خطرو آهي، ان بابت مون کي پاڻ به خبر هئي ته هي مون کي قتل ڪرڻ جي رٿابندي جوڙي رهيا آهن. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اسان جي پنهنجي اسٽيبلشمينٽ مون کي ڪرپٽ چيو آهي، منهنجو سوال هي آهي ته يڪدم اهي ماڻهو اسٽيبلشمينٽ لا ڪيئن ٺيڪ ٿي ويا، مڃي ٿا وٺون ته اسٽيبلشمينٽ سازش نه ڪئي پر منهنجي خلاف بي اعتمادي واري رٿ کي روڪي ته سگهيا پئي، اها ڪهڙي شي آهي جو سوا ٽن سالن بعد اهي ماڻهن اسٽيبلشمينٽ لا چڱا ٿي ويا، ڪهڙو سبب هو جو انهن کي اسان تي ٻيهر مڙهيو ويو، گذريل 7 مهينن ۾ ڪا هڪڙي شي ٻڌايو جنهن ۾ سڌارو آيو هجي، اسان جي فيڊرل پارٽي آهي ۽ وفاقي پارٽي ئي ملڪ کي بچائي سگهي ٿي، مون کي پاڪستان جي عدالتن مان انصاف جي اميد ناهي، هڪ اڳوڻي وزيراعظم تي گند اُڇليو پيو وڃي پر ڪير به پُڇڻ وارو ناهي، اسان جڏهن پنڊي وڃڻ گهريو، تڏهن ڪابه اهم مقرري نه ٿي رهي هئي، آمريڪا، برطانيا ۽ دبئي ۾ ڪيس داخل ڪندس، اڳوڻو وزيراعظم هوندي ڪيس داخل نه ڪرائي سگهيس، اسان کي خبر آهي ته مارڻ وارا ٻه هئا ۽ سامهون کان گوليون آيون، انهن جوابدار کي طوطي وانگر پڙهايو ته اڪيلو هيس ته جيئن شڪ نه ٿئي، مون کي بلاول جو سياسي مستقبل نظر نه پيو اچي، بلاول ڳوليندو وتندو ته سندس والد چوري جا پئسا ڪٿي ڪٿي رکيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button