پاڪستانسنڌ

اوٻاوڙو ڀرسان پ پ اڳواڻ زال کي ڪهاڙيون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

اوٻاوڙو: اوٻاوڙو ڀرسان پ پ اڳواڻ ڪھاڙي جا وار ڪري پنهنجي زال کي قتل ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب اوٻاوڙو ڀرسان ڳوٺ حبيب لٻاڻو ۾ رات دير سان يوسي لانگهو جي پ پ صدر اصغر علي عرف اربيلو لٻاڻو ننڊ ستل 50 سالن جي زال بختان کي ڪھاڙي جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي. صبح جو اطلاع تي اوٻاوڙو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي جوابدار کي ڪهاڙي سميت گرفتار ڪري ورتو. جڏهن ته مقتولا جو لاش اوٻاوڙو ۾ ڊاڪٽرياڻي نه هئڻ ڪري ڏهرڪي اسپتال نيو ويو. جتان پوسٽ مارٽم بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻي طرف گرفتار جوابدار پوليس آڏو اعتراف ڪندي چيو ته منهنجي زال مون کي زھر ڏئي مارڻ جي سازش سِٽي ھئي، جيئن ئي اهڙي خبر پئي ته مون کيس ڪھاڙيون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان ايس ايڇ او نويد احمد ڀٽو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جوابدار کي گرفتار ڪري واقعي جي مختلف رخن سان جاچ ڪري رهيا آهيون، حقيقت سامهون اچڻ بعد ڪيس داخل ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button