پاڪستان

جوابدار نويد بيان تي قائم،ڪنٽينر تي مقرر سيڪيورٽي اهلڪارن کان جاچ جو فيصلو

تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ دوران وزيرآباد ۾ ڪنٽينر تي چيئرمين عمران خان مٿان فائرنگ ڪندڙ جوابدار نويد کان جي آ ٽي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي، جنهن دوران هن جاچ ٽيم کي حملي بابت تفصيل ٻڌايا آهن. ذريعن موجب حملي جي سببن بابت عمران خان جي دعويٰ ۽ جوابدار نويد جي بيان ۾ تضاد برقرار آهي. نويد جي آءِ ٽي کي ڏنل بيان ۾ چيو ته مون اڪيلي سر حملي جي رٿابندي ڪئي، ڪنٽينر جي اڳيان پوليس نه هجڻ سبب سامهون اچي فائرنگ ڪئي، جنهن بعد ساڄي پاسي کان فرار ٿيڻو هو پر رش سبب جهلجي پيس. هن وڌيڪ چيو ته منهنجو ڪنهن به سياسي يا مذهبي پارٽي سان تعلق ناهي ۽ نه ئي مون کي ڪنهن حملو ڪرڻ جو چيو هو، آئون حملي کان اڳ 2 ڪلاڪن تائين انتظار ڪندو رهيس. ذريعن موجب جي آ ٽي ميمبرن ڪوڙ پڪڙڻ لا جوابدار نويد کان بار بار مختلف سوال ڪيا، جڏهن ته ڪنٽينر جي چوڌاري مقرر اهلڪارن کان به پڇا ڳاڇا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button