زراعت ۽ ڪاروبار

ملڪ ۾ 30 هزار کان وڌيڪ پولٽري فارم بند ٿيڻ جو خدشو،گوشت مهانگو ٿيندو

سڄي ملڪ ۾ سويابين ٻجن جي کوٽ سبب 30 هزار کان وڌيڪ پولٽري فارمن کي تالا لڳڻ ۽ سوين فيڊ ملون متاثر ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي. راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس جي صدر ثاقب رفيق حڪومت کي خبردار ڪندي چيو آهي ته هن وقت بندرگاهه تي هڪ لک 30 هزار ٽن سويابين خوراڪ کليل آسمان هيٺ پيل آهي، جنهن جي ماليت 22 ارب رپيا ٿئي ٿي، جيڪڏهن اهي ٻج فوري طور تي جاري نه ڪيا ويا ته ايندڙ ٻن هفتن ۾ ملڪ اندر نه رڳو ڪڪڙ جو گوشت ۽ بيضا اڻلڀ ٿي ويندا پر کير ۽ گوشت جو به وڏو بحران ٿي سگهي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته موجوده صورتحال ۾ ملڪ اندر ڪڪڙين جا 30 هزار کان وڌيڪ فارم بند ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي پيو آهي، جڏهن ته 300 کان وڌيڪ فيڊ ملون سڌي ريت متاثر ٿينديون، جيڪڏهن بروقت قدم نه کنيا ويا ته پولٽري فارم سيڪٽر ۾ لڳ ڀڳ 1200 ارب رپين جي سيڙپڪاري ختم ٿي ويندي، جنهن ۾ هڪ وڏو حصو پرڏيهي سيڙپڪاري جو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button