سائنس ۽ ٽيڪنالاجيعالمي

سڀ کان ننڍي عمر ۾ ارب پتي بڻيل آمريڪي عورت ٺڳ نڪتي، 11 سال قيد جي سزا

آمريڪا ۾ ٽيڪنالاجي ڪمپني ٿيرانوس جي باني ايلزبٿ هومز کي سيڙپڪارن سان دوکو ڪرڻ جي ڏوهه ۾ 11 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ڪيليفورنيا جي ڊسٽرڪٽ جج ٿيرانوس ڪمپني جي باني ايلزبٿ هومز کي سيڙپڪارن سان دوکي جي ڏوهه ۾ 11 سال 3 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي آهي. ڪيس جي شنوائي دوران استغاثه چيو ته ملزم پنهنجي ٿرانوس جي فليگ شپ پروڊڪٽ ايڊيسن مشين جي باري ۾ ڄاڻي واڻي ڊاڪٽرن ۽ مريضن کي گمراهه ڪيو جنهن بابت ڪمپني جي دعويٰ هئي ته رت جي ڪجهه ڦڙن ذريعي ئي ڪينسر، شگر ۽ ٻين مرضن جو پتو لڳائي سگهجي ٿو. هن چيو ته جوابدار عورت ڪمپني جي مالي مددگارن سامهون ڪارڪردگي وڌائي پيش ڪري رهي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button