عالمي

ٽوئيٽر واهپيدارن اڪثريتي ووٽ ڏئي ٽرمپ جو اڪائونٽ بحال ڪرائي ڇڏيو

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر جي نئين مالڪ ايلون مسڪ واهپيدارن جي تمام گهڻي حمايت ۽ ووٽنگ جي بنياد تي آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو اڪائونٽ لڳ ڀڳ ٻن سالن بعد بحال ڪري ڇڏيو آهي. ايلون مسڪ ٽوئيٽر واهپيدارن کان رايا ورتا هئا ته ڊونلڊ ٽرمپ کي ٽوئيٽر تي واپس آڻڻ گهرجي يا نه؟ جنهن تي 134 ملين ماڻهن مان 52 سيڪڙو واهپيدارن پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي ٽرمپ کي واپس آڻڻ جو مطالبو ڪيو، جنهن بعد ايلون مسڪ ٽرمپ جو ٽوئيٽر اڪائونٽ بحال ڪندي اهڙي خبر سوشل ميڊيا تي جاري ڪئي. واضح رهي ته ٽرمپ جو ٽوئيٽر اڪائونٽ جنوري 2021ع ۾ چڙ ڏياريندڙ ۽ تڪراري بيانن سبب معطل ڪيو ويو هو. ٻئي طرف ڊونلڊ ٽرمپ جو اڪائونٽ بحال ٿيڻ ٽوئيٽر تي ٽاپ ٽرينڊ بڻجي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button