لاڙڪاڻي جي ميرو خان چوڪ واري علائقي ويجهو معظم ڪالوني واسي معذور پيرسن گندو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ واهر نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي معذور پيرسن عبدالغني ڪلهوڙو دانهيندي چيو ته اڍائي مهينا اڳ برسات سبب گهر ڊهي ويو پر اڃا تائين راشن، ٽينٽ ۽ ٻيو سامان ناهي مليو، جڏهن ته برسات بعد پاڙي ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن ۽ معصوم ٻارڙا، پيرسن بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن، گندو پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا لاڳاپيل اختيارين کي دانهن ڏني پر اڃا تائين ڪو تدارڪ ناهي ٿيو. وڏو وزير ۽ ڪمشنر لاڙڪاڻو نوٽيس وٺي راشن، ٽينٽ ۽ ٻيو سامان ڏائي پاڙي مان گندو پاڻي نيڪال ڪرائي انصاف ڏيارين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close