سنڌ

قبو سعيد خان ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

قبوسعيد خان ۾ ٻوڏ متاثرن واھر نه ٿيڻ خلاف بس اسٽينڊ تي احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن امتياز مگسي، ڪامريڊ رسول بخش بروھي، جانب کوسو ۽ ٻين دانھيندي ٻڌايو ته ٻوڏ کي ٽي مھينا گذري ويا پر سنڌ سرڪار ٻوڏ متاثرن جي امداد لا موڪليل راشن، ٽينٽ ٻيو سامان اسسٽنٽ ڪمشنر زين العابدين مگسي من پسند ماڻهن ۽ وڏيرن حوالي ۽ ايجنٽ ذريعي وڪرو ڪري ٿو جيڪا وڏي ناجائزي آھي. ھنن چيو ته اي سي ٻوڏ متاثرن سان ملڻ لا تيار ناھي نه وري ڪنھن کي رليف پھچائي ٿو صرف وڏيرن ۽ سفارشي ماڻھن جي ونگار پيو وھي. ھنن چيو ته ٻوڏ سبب گھر ڊھي پٽ ٿي ويا ۽ ھينئر سيارو اچي ويو آهي، اسان کي ٽينٽ، ڪمبل ۽ راشن جي سخت ضرورت آھي. ھنن وڏي وزير ۽ ڪمشنر لاڙڪاڻي کان مطالبو ڪيو ته اسسٽنٽ ڪمشنر کي فوري طور تي ھٽائي ٻوڏ متاثرن کي رليف ڏئي بک ۽ بدحالي کان بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button