سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ خانگي ڪمپني آفيس مان هٿياربند 11 لک ڦري ويا

لاڙڪاڻي حيدري ٿاڻي جي حد نئون ديرو چوڪ وٽ خانگي ڪمپني جي آفيس مان نامعلوم ڦورو 11 لک ڪيش ۽ 3 موبائيل فون ڦري فرار ٿي ويا. واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي تفصيل وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي. ان موقعي تي ڪمپني مئنيجر تنوير مغيري ۽ انچارج تنوير لغاري چيو ته ڪمپني تي 3 موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن هٿيارن جي زور تي عملي کي يرغمال بڻائي 11 لک ڪيش ۽ 3 موبائل فون ڦري فرار ٿي ويا. واقعي جو اطلاع پوليس کي ڏنو پر ڪارروائي نه ڪئي وئي. هنن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته ڦر ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪري روڪ رقم ۽ موبائل فون واپس ڪري انصاف ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button