فٽبال ورلڊ ڪپ ۾ ٻئي ڏينهن تي ٿيل مقابلن ۾ انگلينڊ جي ٽيم ايران کي 2 جي ڀيٽ ۾ 6 گولن تان هارائي ڇڏيو، جڏهن ته نيڌرلينڊ پنهنجي مخالف ٽيم سينيگال کي 2 گولن تان شڪست ڏئي فاتحاڻي شروعات ڪئي. دوحا ۾ کيڏيل ميگا ايونٽ جي ٻي مئچ ۾ انگلينڊ جارحاڻي شروعات ڪندي شروعاتي منٽن ۾ ايراني گول ڪيپر ساٿي رانديگر جي ٽڪر سبب زخمي ٿي پيو، جنهن کي طبي امداد ڏيڻ بعد تبديل ڪيو ويو. انگلش ٽيم جي رانديگر بيلهنگم پهريون گول ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو. ڪجهه دير بعد ساڪا بال کي ايران جي ڄار ۾ ڦاسايو. رحيم اسٽرلنگ هڪ ڪراس تي شاندار ڪڪ ذريعي ٽيم جو ٽيون گول ڪيو. وقفي بعد اسڪور ٽي صفر رهيو. ٻئين هاف ۾ به انگلش ٽيم ايران تي دٻا برقرار رکيو، جنهن سبب ساڪا 62 هين ۽ رشفورڊ 71 منٽن ۾ گول اسڪور ڪيو. جنهن دوران ايران جي ٽيم به تريمي ذريعي هڪ گول جو خسارو گهٽ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. انگلش ٽيم جو ڇهون گول گريليش هنيو. انجري ٽائيم ۾ ايران کي پينلٽي ڪڪ ملي، جنهن دوران تريمي گول ڪيو ۽ ميچ انگلينڊ جي 2-6 تان برتري تي ختم ٿيو. ٻئي طرف نيڌرلينڊ ۽ سينيگال جي ٽيمن وچ ۾ 90 منٽن تائين سخت ويڙهه جاري رهي ۽ مقابلو بنا ڪنهن گول جي برابر رهيو، جنهن بعد اضافي وقت ۾ نيڌرلينڊ لا ڪوڊي گيڪپو پهريون گول اسڪور ڪيو، جڏهن ته ڊيوي ڪلاسين هڪ ٻيو اسڪور ڪري پنهنجي ٽيم کي ٻيڻي برتري ڏياري ڇڏي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close