پاڪستانسنڌ

جهڏي ۾ پاڻي جي لنگهن تان قبضا ختم ڪرائڻ لا مظاهرو

جهڏو: جهڏو ۾ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن اياز کوسو، امير بخش جروار، اياز ڪلوئي، پروانو ڪپري، محب ڀيل ۽ ٻين عوامي نگر پاڙو کان احتجاجي ريلي ڪڍي نيشنل بئنڪ چوڪ وٽ مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته پ پ سرڪار 15 سالن ۾ ٽيون ڀيرو سنڌ کي هٿرادو طور ٻوڙايو آهي، پاڻي جي قدرتي وهڪرن پراڻ ۽ ھاڪڙي جا قدرتي لنگھه بند ڪري هٿرادو ڪٽ هڻي سنڌ کي ٻوڙي ڪروڙين ماڻهن کي دربدر ڪيو ويو، اربين رپين جا فصل ٻوڙي ختم ڪيا ويا، 3 مهينا گذرڻ باوجود سنڌ سرڪار پاڻي نيڪال ناهي ڪرايو، جنهن سبب لکين متاثر روڊن رستن تي ويٺل آهن، متاثرن لاءِ آيل امداد به ڪرپشن جي نظر ٿي وئي آهي. هنن چيو ته ڌارين کي سنڌ ۾ آڻي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته پاڻي جي قدرتي وهڪرن تان قبضا ختم ڪرائي سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button