جهڏو: جهڏو لڳ ديھه 341 جي ڳوٺ عبدالجبار لغاري جي رھواسين خورشيد زال عبدالجبار لغاري، سندس ڌيءَ ريحانه ۽ پٽن حاڪم علي، شاهد علي، امجد علي ۽ ٻين ميڊيا سينٽر اڳيان مظاهرو ڪيو. صحافين آڏو دانهيندي خورشيد چيو ته منهنجي وڏي پٽ جاويد لغاري کي حصي ۾ آيل زمين ورهاست ڪري ڏني هئي، جيڪا هن کپائي ڇڏي، هاڻ پٽ ديهه 341 ۾ منهنجي فوتي پٽ زاهد لغاري جي 2 ايڪڙ 8 گهنٽا زمين تي پيٽرول پمپ ٺهرائي اعجاز ۽ سندس پٽ عاشق علي کي ٺيڪي تي ڏنو، جنهن تي هنن قبضو ڪري ورتو ۽ هيل تائين ڪو به معاوضو ناهي ڏنو، ڄاڻايل ٺيڪيدارن منهنجي پٽ جاويد لغاري سان هم صلاح ٿي اسان جي غير موجودگيءَ ۾ فوتي پٽ زاهد لغاري جو فوتي کاتو ٺهرائي روينيو جهڏو جي سپروائيزر جانهور لال ۽ مختيارڪار کي ڳري رشوت ڏئي 2 ايڪڙ 8 گهنٽن جو سيل سرٽيفڪيٽ ڪڍرائي زمين وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هن وڌيڪ چيو ته پيٽرول پمپ واري زمين تي بااثر جو قبضو آهي. هن آئي جي سنڌ ۽ ڪمشنر ميرپورخاص کان مطالبو ڪيو ته تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close