اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم سان خواجا آصف جي ملاقات، اهم مقرري تي مشورا

اسلام آباد:وزيراعظم شهباز شريف سان بچاءَ واري وزير خواجا آصف ملاقات ڪئي آهي، جنهن دوران اهم مقررين بابت صلاح مشورو ڪيو ويو آهي.وزيراعظم شهباز شريف سان بچاءَ واري وزير خواجا آصف جي اهم مشاورتي ملاقات جي موقعي تي وزيراعظم جو خاص مددگار ملڪ احمد خان پڻ موجود هو.واضح رهي ته خواجه آصف گذريل ڏينهن به وزيراعظم سان ملاقات ڪئي هئي، جنهن دوران اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي هئي. ملاقات کانپوءِ بچاءَ واري وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هو ته وزيراعظم سان ملاقات مشاورتي عمل جو حصو آهي، جنهن ۾ اهم قومي معاملن ۽ مقررين بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button