اسلام آباد : ُسڌ سماءَ جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ماحولياتي انصاف جي گهر عالمي سطح تي منظور ٿيڻ پاڪستان جي وڏي سفارتي ڪاميابي آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته موسمي تبديلين سان متاثر ملڪن جي نقصانن جي ازالي جو عالمي فنڊ قائم ٿيڻ پاڪستان جي موقف جي سوڀ آهي. هن چيو ته پاڪستان جي موقف کي دنيا تسليم ڪيو، وزيراعظم شهبازشريف اسرندڙ ملڪن تي موسمي تبديلين جا خطرناڪ اثر ۽ پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهه ڪارين کي عالمي ايجنڊي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. هن چيو ته وزيراعظم جي اڳواڻي ۾ پاڪستان جي موقف عالمي اتفاق راءِ بنائڻ ۾ فيصلائتو ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته ڊيميج اينڊ لاس فنڊ جي قيام سان پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۾ مدد ملندي. هن چيو ته سيڪريٽري جنرل اقوام متحده انتونيو گوتريس اسرندڙ ملڪن جو محسن ثابت ٿيو. مريم اورنگزيب چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ موسمي تبديلي جي وزير شيري رحمان جي ڪاوش عالمي سطح تي پاڪستان جي موقف کي ڪامياب ڪرائڻ ۾ خاص ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته ڪاپ-27 ۾ عالمي فنڊ جي قيام جو فيصلو زمين کي موسمي تبديلين جي تباهه ڪارين کان بچائڻ ۾ تاريخي سنگ ميل آهي. هن چيو ته سمورا عالمي اڳواڻ مبارڪ جا مستحق آهن جن هن ڌرتي کي بچائڻ لاءِ فيصلائتو ۽ عملي قدم کنيو. هي عالمي اتحاد موسمي تبديلين جي اثرن جي ڀيٽ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close