پاڪستانسنڌ

ڦلجي اسٽيشن لڳ گم ٿيل ٻار جو گهر جي ٽانڪي مان لاش مليو

ڦلجي اسٽيشن: ڦلجي اسٽيشن ڀرسان پيارو ڳوٺ ۾ 2 ڏينهن اڳ گم ٿي ويل معصوم ٻارڙي جو گذريل ڏينهن گهر جي پاڻي واري ٽانڪي مان لاش مليو، 2 ڏينهن اڳ 6 سالا معصوم نينگر امان علي پٽ عمران علي پنهور گهر ۾ راند کيڏندي اوچتو گم ٿي ويو هو، سڄو ڏينهن ڳولا باوجود معصوم نينگر جو پتو پئجي نه سگھيو هو. ڪالهه صبح پاڻي ڀرڻ دوران معصوم نينگر جو لاش پاڻي واري ٽانڪي مان مليو. لاش ملڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو. ٻارڙي امڙ کي بيھوشي جي دورا پوڻ لڳا. ان موقعي تي معصوم نينگر جي پي عمران پنهور روئيندي ٻڌايو ته گذريل ڏينهن پٽ گھر ۾ راند ڪرڻ دوران اوچتو گم ٿي ويو هو. اسان جي ڳولا ڪرڻ باوجود پٽ جو پتو پئجي نه سگهيو هو. اڄ صبح جو گھر ۾ پاڻي جي ٽانڪي مان پاڻي ڀرڻ دوران پٽ جو لاش مليو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button