ڏهرڪي: ڏهرڪي ۾ بااثر وڏيرن قبرستان ۾ لاش دفنائڻ کان روڪي ڇڏيو، انتظاميا به نوٽيس نه ورتو. خبر موجب ڏهرڪي جي عظيم ڪالوني واسي فوتي پورهيت سڌير اوڏ جي لاش کي بااثرن قبرستان ۾ دفنائڻ کي روڪي ڇڏيو، جنهن بعد فوتي سڌير جا وارث چندو گڏ ڪري فوتي جي مڙهه کي ٽنڊو مستي کڻي ويا. ان موقعي تي فوتي سڌير اوڏ جي وارثن هريش ڪمار، پهلوان اوڏ ۽ ٻين دانهيندي چيو ته سڌير اوڏ گذريل رات فوت ٿي ويو هو، جنهن جي لاش کي دفنائڻ لاءِ اسان ڏهر موڙ جي اباڻي قبرستان ۾ کڻي وياسون ته ڏهر برادري جي بااثرن اسان کي سڌير جو لاش قبرستان ۾ دفنائڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ چيو ته توهان پهرين قبرستان کي چوديواري ڏياريو پوءِ توهان پنهنجي عزيزن جا لاش دفن ڪريو. هنن چيو ته اسان وٽ ايڏا وسيلا ناهن جو اسان پهرين قبرستان کي چوديواري ڏيايون، قبرستان ۾ لاش دفنائڻ کان منع ڪرڻ تي چندو ڪري ٽنڊومستي کڻي وڃي رهيا آهيون، پر هتان جي اختيارين به نوٽيس نه ورتو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close