پاڪستان

بند ڪمرن ۾ فيصلا ٿيڻ ڪري اسان پوئتي رهجي وياسين:اسد عمر

تحريڪ انصاف جي جنرل سيڪريٽري اسد عمر چيو آهي ته ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته عمران خان جي حياتي کي وڏو خطرو آهي پر اسان سيڪيورٽي جا انتظام ڪري رهيا آهيون، زندگي ۽ موت جا فيصلا الله جي هٿ ۾ آهن، پنڊي وارا خوش قسمت آهن ڇو ته هي جنگ پنڊي ۾ وڙهي ويندي. جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ 26 نومبر جو ڏينهن يادگار رهندو، پاڪستان ۾ هن وقت ٻه مختلف رستا آهن هڪ اهو ئي رستو جنهن تي پاڪستان 75 سالن کان هلندو پيو اچي، ٻيو اهڙو رستو جنهن ۾ پاڪستان جا فيصلا ٻاهر ٿيندا رهيا آهن، ملڪ جي هن نظام کي تبديل ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، هاڻي اهڙي طريقي سان پاڪستان کي هلڻ ناهي ڏيڻو، جتي چورن هڪ هزار ارب رپين جي چوري معاف ڪرائي ورتي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ جمهور لاءِ فيصلا ناهن ٿيندا، فيصلا بند ڪمرن ۾ ٿيندا آهن نتيجو اهو نڪتو ته دنيا اسان کان اڳتي نڪري وئي ۽ اسان پوئتي رهجي وياسين، پي ٽي آئي جو حقيقي آزادي هاڻي پاڪستان جي سڀ کان وڏي تحريڪ بڻجي وئي آهي. هڪ نئون ۽ حقيقي طور آزاد پاڪستان بڻجي رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button