سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل

لاڙڪاڻي جي الله والي اوور هيڊ برج عيسائي پاڙي ڀرسان پراڻي دشمني تان موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن مبينا فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ شهر جي پراڻي ٽينڪ چوڪ واري علائقي جو رهواسي سيلون جو ڪم ڪندڙ نوجوان الطاف گاد موقعي تي مارجي ويو ۽ رستي ويندڙ بئنڪ اسڪوائر محلي واسي فاروق قريشي سخت زخمي ٿي پيو. اطلاع تي پوليس پهچي لاش ۽ زخمي کي کڻائي چانڊڪا اسپتال آندو. ان موقعي تي مقتول نوجوان جي وارثن صحافين کي ٻڌايو ته سال اڳ ڪيهر برادري جو نوجوان مارجي ويو هو، جنهن جي قتل جو الزام اسان جي نوجوان الطاف ۽ سندس ڀاءُ مٿان هنيو ويو هو، اهڙي ڪيس جي شنوائي تي الطاف ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ بعد واپس وڃي رهيو هو ته رستي ۾ موٽرسائيڪل سوار ٻن هٿياربندن فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪو ڪيس وغيره داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي وري ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button