استنبول: وزيراعظم شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان گڏ ڪالهه پاڪ بحريا لاءِ چار ملجم ڪارويٽ جهازن مان ٽئين جهاز پي اين ايس خيبر جو افتتاح ڪيو، جيڪو پاڪ – ترڪيه اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ اهم سنگ ميل رکندڙ آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گهرا تاريخي لاڳاپا آهن، جيڪي گذرندڙ وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. پاڪستان ۽ ترڪيه گڏجي ترقي جو سفر جاري رکندا. روس ۽ يوڪرين مان ڪڻڪ درآمد تي طيب اردوان جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. وزيراعظم شهباز شريف صدر رجب طيب اردوان جي دعوت تي ترڪيه جي ٻن ڏينهن جي دوري تي آهي. استنبول شپ يارڊ ۾ پي اين ايس خيبر لانچنگ تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، واپار وارو وفاقي وزير نويد قمر، دفاعي پيداوار وارو وفاقي وزير اسرار ترين پڻ موجود هئا. تقريب ۾ ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا، شپ يارڊ اچڻ تي وزيراعظم شهباز شريف کي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. وزيراعظم تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ٻئي گهر ترڪيه جو ٻيهر دورو ڪرڻ تي خوش آهيان، اڄ جو ڏينهن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپن ۾ عظيم ڏينهن آهي، پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گهرا تاريخي لاڳاپا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه هر مشڪل گهڙيءَ ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي، ترڪيه هر عالمي فورم تي پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. هن چيو ته صدر رجب طيب اردوان هڪ دورانديش اڳواڻ آهي، ان جي قيادت ۾ ترڪيه جديد فلاحي رياست بڻجي چڪو آهي، ترڪيه جي ڏورانهن علائقن ۾ سموريون بنيادي سهولتون ميسر آهن. وزيراعظم چيو ته توهان امن سان رهڻ چاهيو ٿا ته توهان کي جنگ جي لاءِ به تيار رهڻو پوندو، اڄ دنيا کي ڪيترائي تڪرار درپيش آهن. هن چيو ته روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ ڪڻۡ برآمد معاهدي ۾ ترڪيه جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته پاڪ – ترڪيه لاڳاپا وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿيندا، سڄي دنيا وانگر پاڪستان کي به توانائي جي کوٽ درپيش آهي، پاڪستان قابل تجديد توانائي ۽ توانائي جي سستي ذريعن جي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي. هن ترڪيه جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه کي قابل تجديد توانائي ذريعا حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، ٻئي ملڪ آلودگي ۾ گهٽتائي جي لاءِ به گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي گذريل ڏينهن ۾ بدترين ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پيو، ترڪيه پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪئي، ترڪيه مان 15 جهاز امدادي سامان کڻي پهتا، ماضي ۾ به مشڪل گهڙيءَ ۾ ترڪيه پاڪستان جي مدد ڪئي، پاڪستان ۽ ترڪيه گڏجي ترقي جو سفر جاري رکندا. وزيراعظم جهاز جي تياري ۾ حصو وٺندڙن کي خراج تحسين پيش ڪيو. ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان خطاب ڪندي چيو ته پاڪ – ترڪيه ماهر ملجم منصوبي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن. هن چيو ته ترڪيه پاڪستان جي ٻوڏ متاثر ڀائرن جي هر ممڪن مدد ڪئي. هن چيو ته ٻطرفو دفاعي تعاون گڏيل لاڳاپن جو اهم ٿنڀ آهي، پاڪستان ۽ ترڪيه دهشتگردي جي خاتمي لاءِ متحد آهن، دهشتگردن جي خلاف زيرو ٽالرنس جي پاليسي تي گامزن آهن. دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير اسرار ترين چيو ته پي اين ايس خيبر جي لانچنگ تقريب خوش آئنده آهي، پاڪ – ترڪيه تعاون سان دفاعي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا، پي اين ايس خيبر سان پاڪ بحريه جي دفاعي صلاحيت ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. هن چيو ته صنعتي ڍانچي جي مضبوط ٿيڻ سان پاڪ – ترڪيه واپاري لاڳاپن کي پڻ فروغ ملندو. هن چيو ته اسان دهشگردي سميت سمورن درپيش چئليجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏ بيٺل آهيون، ترڪيه ڪشمير مسئلي تي سدائين پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل محمد امجد خان نيازي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ مضبوط دفاعي لاڳاپا آهن جيڪي هر گذرندڙ ڏينهن سان وڌيڪ مضبوط کان مضبوط تر ٿي رهيا آهن، ٽئين پي اين ايس خيبر جي لانچنگ سان پاڪستان جو دفاع وڌيڪ مضبوط ٿيندو، سامونڊي دفاع تي معاونت تي ترڪيه جي قيادت جا ٿورائتا آهيون. واضح رهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون تي ٻڌل ملجم منصوبو پاڪستان – ترڪيه اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. ان کان اڳ پاڪ بحريه جي لاءِ پهرين ڪارويٽ پي اين ايس بابر جي لانچنگ تقريب آگسٽ 2021ع ۾ استنبول ۾ ٿي جڏهن ته ٻئي جهاز پي اين ايس بدر جي پيڙهه جو پٿر مئي 2022ع ۾ ڪراچي ۾ رکيو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close