سنڌ

نئين مانيٽري پاليسي جو اعلان، وياج جي شرح 15 کان وڌائي 16 سيڪڙو مقرر

اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي مانيٽري پاليسي ڪميٽي وياج جي شرح 15 سيڪڙو مان وڌائي 16 سيڪڙو ڪري ڇڏي. اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته مهانگائي جو دٻاءُ توقع کان وڌيڪ آهي، وياج جي شرح ۾ واڌ جو مقصد مهانگائي کي گهٽائڻ آهي، معاشي سستي ۽ عالمي حالتن سبب مهانگائي وڌي رهي آهي. مرڪزي بئنڪ جو چوڻ آهي ته ٻوڏ کانپوءِ کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو، آڪٽوبر ۾ مهانگائي ۾ تيزي سان اضافو ٿيو جڏهن ته گهٽ درآمدات جي نتيجي ۾ سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ڪافي حد تائين گهٽجي ويو. بئنڪ دولت پاڪستان جو چوڻ آهي ته هلندڙ مالي سال معاشي ترقي ٻه سيڪڙو ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو جي ڊي پي جو ٽي سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي. جيڪڏهن تيل جي عالمي قيمتن ۾ تازي گهٽتائي جاري رهي ته پرڏيهي کاتي تي دٻاءُ وڌيڪ گهٽجي ويندو. اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ واڌ کي ڏسندي هن مالي سال مهانگائي جي سراسري شرح 21 کان 23 سيڪڙو تائين وڌڻ جو امڪان آهي. ياد رهي ته آڪٽوبر ۾ اسٽيٽ بئنڪ وياج جي شرح 15 سيڪڙو برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button