پاڪستانسنڌ

سنڌ جي 36 مان صرف 6 شگرملن چمنيون ٻاريون, 29 نومبر تائين پيڙائي شروع ڪرائڻ جو مطالبو

حيدرآباد: سنڌ جي 36 شگرملن مان صرف 6 شگرملن پنھنجون چمنيون ٻاريون، سنڌ جي آبادگارن مطالبو ڪيو آھي ته سموريون شگرملون 29 نومبر تائين پيڙائي واري عمل کي شروع ڪري آبادگارن کان ڪمند کڻن ۽ آبادگارن کي ڪمند کڻڻ واري رقم ٻن ڏينھن اندر ڏني وڃي. سنڌ ۾ برساتي ٻوڏ سبب ڀاڄين ۽ ڪپھه سميت سمورا فصل ختم ٿي ويا آھن، جنھن سبب آبادگارن جو ھن وقت سھارو صرف ڪمند جو فصل آھي، حالتن جي صورتحال کي ڏسندي آبادگارن حڪومت جي اعلانيل ڪمند جي في مڻ 302 روپين کي قبول ڪيو آھي. ان سلسلي ۾ ايوان زراعت سنڌ جي جنرل سيڪريٽري زاھد حسين ڀرڳڙي چيو ته اسان حالتن کي سامھون رکندي ڪمند جي اگھه کي قبول ڪيو آھي، ڪمند آبادگارن کان شگرملون فوري طور تي کڻن ۽ آبادگارن کي ڪمند جي مد ۾ رقم فوري طور ادا ڪئي وڃي ڇوته برساتي ٻوڏ سبب ڪپھه، ٽماٽر سميت سمورا فصل ٻڏي ويا آهن، جنھن سبب آبادگارن کي لکين روپين جو نقصان ٿي چڪو آھي، ان ڪري سموريون شگرملون 29 نومبر تائين ھلايون وڃن ۽ فوري طور ڪمند شگرملون خريد ڪري آبادگارن کي پئسا ڏين.

ٻئي طرف آبادگار نبي بخش سٺيو چيو ته موجوده حالتن ۾ سنڌ جا آبادگار سخت معاشي صورتحال کي منھن ڏئي رھيا آھن، شگرملون فوري طور ھلائي آبادگارن کي ڪمند جي رقم ڏني وڃي ته جيئن آبادگار وقت ۽ حالتن سان گڏ ھلي سگھن، لاڙ جي آبادگار محمد خان ساريجو چيو ته برساتي ٻوڏ وارو پاڻي اڃان تائين سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ زرعي زمين ۾ موجود آھي، جنھن سبب ڪڻڪ جي پوکائي به سخت متاثر ٿي آھي، جنھن سبب آبادگارن جي حالتن کي بھتر ڪرڻ لا شگرملن جا مالڪ سمورين شگرملن کي 29 نومبر تائين شروع ڪري ڇڏين. آباد گار مير عبدالڪريم ٽالپر چيو ته موجوده صورتحال ۾ آبادگارن جو ذريعو ڪمند بچيو آھي، اھي شگرملن وارا فورن وٺن ۽ رقم جي ادائگي به فوري طور ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button