سنڌ

شاهد خاقان عباسي نيب کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

پاڪستان مسلم ليگ ن جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي نيب کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته نيب کي ختم ڪري ملڪي نظام کي هلڻ ڏنو وڃي، جڏهن ته جيڪو ماڻهو ٻين جو احتساب ڪري، اهو سڀ کان پهرين پاڻ احتساب واري عمل ۾ شامل ٿئي، انڪري اڳوڻو نيب چيئرمين جاويد اقبال پڻ پنهنجا اثاثا عوام آڏو رکي. هن پي ٽي آءِ چيئرمين کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيوته عمران خان آرمي چيف جي مقرريءَ تي اثرانداز ٿيڻ پئي چاهيو، جيڪڏهن هاڻي هو نئون تماشو ڪرڻ چاهي ٿو ته ان کي به منهن ڏينداسين، آرمي چيف جي مقرريءَ وارو مرحلو خير خوبيءَ سان طئي ٿي چڪو آهي. ن ليگ اڳواڻ چيو ته آرمي چيف جي مقرري واري معاملي تي ڏڦيڙ واري صورتحال پيدا اڪئي وئي، عمران خان کي سدائين دير سان ڳالهيون سمجهه ۾ اينديون آهن، قانون جي حدن ۾ رهندا ته عمران خان جي آجيان ڪنداسين ۽ قانون جون حدون اورانگهيون ويون ته راڻا صاحب سندس آڌرڀاءُ ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته روس سان ڳالهين واري معاملي تي آمريڪا جو ڪو دٻاءُ ناهي، ڪچو تيل حڪومت نه پر ريفائنريز امپورٽ ڪنديون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button