سنڌ

لعلو رائنڪ ۾ خودڪشي ڪندڙ پورهيت جي وارثن جو احتجاج

لعلورائنڪ جي خاصخيلي پاڙي ۾ خودڪشي ڪندڙ 36 ورهين جي پورهيت علي بخش ٿهيم جي وارثن عورتن ۽ معصوم ٻاڙن سميت پاڪ ڪتاب کڻي پوليس خلاف وارهه- لاڙڪاڻو روڊ تي ٽائر ساڙي احتجاجي ڌرڻو هنيو. ڌرڻي کي ختم ڪرائڻ لا ڊي ايس پي نصيرآباد ڳالهين لا پهتو پر ڳالهيون ڪامياب نه ٿي سگهيون ۽ ڌرڻو 5 ڪلاڪن تائين جاري رهيو. ان موقعي تي ۾ ڌرڻي ۾ موجود فوتي علي بخش ٿهيم جي گهر واري ناهيد خاتون، ما آمنه خاتون، پيءُ مولا ڏنو ٿهيم، ڀاءُ سعيد احمد ٿهيم ۽ ٻين صحافين اڳيان دانهيندي چيو آهي ته ٽي ڏينهن اڳ ميرل ٿهيم، علي بخش ٿهيم جي گهرواري کي گهر ۾ اڪيلو ڏسي زبردستي زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جنهن جي دانهن برادري کي ڏيڻ باوجود ڪو تدارڪ نه ڪيو ويو، جنهن ڪري علي بخش ٿهيم مايوسي ۽ پريشاني بعد خودڪشي ڪري ڇڏي. هنن چيو ته علي بخش ٿهيم جي خودڪشي ڪرڻ جو ذميوار ميرل ٿهيم آھي. اهڙي معاملي جي اين سي داخل ڪئي وئي پر پوليس مختلف بهانا ڪري ايف آءِ آر داخل نه پئي ڪري. هنن چيو ته جيستائين پورهيت کي خودڪشي تي مجبور ڪندڙ جوابدار ميرل ٿهيم خلاف ڪيس داخل نه ٿيڻ تائين اسان جو هي ڌرڻو جاري رهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button