پاڪستانسنڌ

دادو ۾ نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لا وارثن ۽ سڄاڻ ڌرين جو ڌرڻو

دادو: دادو ۾ نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لا وارثن ۽ سڄاڻ ڌرين مارچ ڪري ڌرڻو هنيو. ان سلسلي ۾ دادو ۾ 40 ڏينهن اڳ موٽرسائيڪل ڦر دوران مزاحمت تي هٿياربندن هٿان قتل ٿيل نوجوان دانش جمالي جي وارثن، سياسي، سماجي، مذهبي، قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ واپارين سميت وڏي انگ ۾ مختلف مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهن مقتول جي وارثن رفيق جمالي، عبدالرئوف جمالي، سجاد جمالي، علي جمالي، قومپرست اڳواڻ نياز ڪالاڻي، ڪامريڊ نياز پنهور، چيمبر آف ڪامرس اڳواڻ گل حسن پنهور، سول سوسائٽي اڳواڻ عنايت جمالي، راجا رفيق پنهور، محمد بخش ڪورائي، ساجد مستوئي، عبدالحميد جمالي، ڊاڪٽر جبار ٻٻر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ميونسپل پارڪ کان هٿن ۾ بينر، پلي ڪارڊ کڻي اسٽيشن روڊ، نيو چوڪ ۽ ڪچهري روڊ کان مارچ ڪري پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ نعريبازي ڪئي. وارثن ۽ اڳواڻن چيو ته چيو ته 40 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس مک قاتل گرفتار نه ڪري سگهي آهي، گرفتار جوابدار نياز جمالي ۽ سهولتڪار وحيد لغاري مک جوابدار جا پوليس آڏو نالا کنيا آهن، پر پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ روايتي سستي جو مظاهرو ڪري رهي آهي. هنن چيو ته 40 ڏينهن کان وارث انصاف لاءِ دربدر آهن، ڦورو هٿيار کڻي ڦرون ڪري رهيا آهن، آخر ڪيسيتائين نوجوانن جو قتل عام ٿيندو رهندو. دانش جمالي جا قاتل پوليس کان ڏاڍا ٿي ويا آهن يا وري انهن قاتلن کي زمين کائي وئي آهي جو پوليس کين گرفتار نٿي ڪري سگهي. هنن چيو ته دادو ۾ بدامني سبب نوجوان قتل ٿين پيا، پر پوليس اگهور ننڍ ستل آهي. مقتول جي وارثن چيو ته ايس ايس پي دادو ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو واعدو ڪيو هو ته هفتي اندر قاتل گرفتار ڪيا ويندا، پر واعدو وفا نه ٿيو. پوليس نوجوان جا قاتل گرفتار نه ڪيا ته ايس ايس پي آفيس جو گهيراءُ ڪري ڌرڻو هنيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button