پاڪستانسنڌ

پ پ سرڪار ٻوڏ دوران ماڻهن جي واهر ڪرڻ ۾ ناڪام رهي:ڪي اين شاهه ۾ ڪانفرنس

خيرپور ناٿن شاھه: خيرپور ناٿن شاهھ ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ٻوڏ متاثرن جي زندگين جي بحالي جي عنوان هيٺ مقامي هوٽل ۾ ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سمورين پارٽين جي اڳواڻن، سماجي، مذهبي ڌرين، اديبن، شاعرن ۽ شهرين شرڪت ڪئي. ڪانفرنس جي اڳواڻي ڪندڙن سنڌ ترقي پسند پارٽي جي وائيس چيئرمين گلزار احمد سومرو، حفيظ ڏيرو، سومار علي، ايڊووڪيٽ شعبان ملاح، لال شاهه، مذھبي تنظيم جي اڳواڻ حافظ انور کونھارو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي ۽ خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ برساتي پاڻي جي آيل ٻوڏ سنڌ حڪومت ۽ پي ڊي ايم جي اتحادي وفاقي حڪومت جي گڏيل مجرماڻي غفلت آهي، 15 سالن کان سنڌ ۾ پ پ سرڪار ٻوڏ، ڪرپشن، اقرباپروري ۽ خراب حڪمراني جو نتيجو آهي، سنڌ برساتي پاڻي ذريعي ٻوڙي وئي آهي، سموري سنڌ 2 ڪروڙن کان وڌيڪ ماڻھو بي گھر ٿيا آهن، جيڪي ھن وقت به دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهن، ٻوڏ ۾ خيرپور ناٿن شاهھ شهر وڌيڪ متاثر ٿيو آھي، پر ڪي اين شاهه جا چونڊيل نمائندا ۽ انتظاميا اڃا تائين گم آهي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ڪانفرنس جي گڏيل راءِ آھي ته 2010ع جي ٻوڏ کانپوءِ ھن شھر سميت سڄي سنڌ جي ترقي لاءِ ڪابه رٿابندي ناهي ڪئي وئي، ٻوڏ کان بچاءُ لاءِ طئي ٿيل عالمي اصولن تي ڪوبه عمل نه ٿي سگهيو آهي، ايتري تائين جو پاڻي کي رستو ڏيڻ لا آبپاشي انجنيئر سان صلاح به نه ڪئي وئي. هنن چيو ته ٻوڏ متاثرن کي راشن، پيئڻ جو پاڻي، خيما ۽ ٻيو سامان ڏيڻ بدران گدامن ۾ رکي خراب ڪيو ويو. سنڌ سرڪار ٻوڏ دوران ماڻهن کي ريسڪو ڪرڻ، اطلاع ڏيڻ ۽ ٽرانسپورٽ ڏيڻ سميت رهائش جا بندوبست ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي. ماڻھن کي بي يارو مددگار ڇڏيو ويو، جنهن سبب هزارين ماڻهو حياتي وڃائي ويٺا، هاڻ بيمارين ۾ معصوم ٻار، عورتون ۽ مرد مرن پيا، پر سنڌ سرڪار ڪجهه نٿي ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button