پاڪستانسنڌ

دادو ۾ ناري بازياب، وارثن بازيابي جي وڊيو وائرل ڪري ڇڏي

دادو: دادو ۾ 8 مهينا اڳ شادي ڪندڙ ناري ڪائنات ڌي ظهور لنڊ جي وارثن ناري جا هٿ پير ٻڌل هجڻ جي وڊيو ٺاهي ناري کي ڊرامائي انداز ۾ بازياب ڪرائي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي. رابطي ڪرڻ تي بي سيڪشن پوليس جو چوڻ هو ته پوليس اهلڪار ظفر لنڊ فون تي اطلاع ڪيو ته ٽن ڏينهن کان ناري کي مڙس خالد لنڊ نامعلوم هنڌ قيد ڪيو هو، ان کي اسان بازياب ڪرايو آهي. ٻئي ڌريون اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ رهنديون آهن. ناري کي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد رند ڪالوني جي هڪ گهر مان بازياب ڏيکاريو ويو آهي، ناري اڃا تائين ٿاڻي تي ناهي پهتي، ٿاڻي تي آئي ته ان جو بيان وٺي وڌيڪ جاچ شروع ڪنداسين. ٻئي طرف 3 ڏينهن اڳ ناري جي مڙس خالد لنڊ پنهنجي ما ۽ پڦي سان گڏ پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو هو. ناري جي مڙس خالد لنڊ دانهيو هو ته ناري ڪئنات سان 8 مهينا اڳ شادي ٿي هئي، هاڻ ان جا مائٽ زبردستي طلاق وٺرائڻ چاهين ٿا. 6 مهينن کان ناري پنهنجن مائٽن وٽ ويٺل آهي، زال واپس نه ٿا ڪن، زال کي وٺڻ ويس ته تشدد ڪيو ويو ۽ موتمار ڌمڪيون ڏنيون ويون. ٻئي پاسي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد ايس ايس پي دادو ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو بي سيڪشن پوليس کي ڪيس داخل ڪرڻ ۽ جاچ شفاف جاچ جا حڪم جاري ڪيا. پوليس ناري جي والد ظهور لنڊ جي فرياد تي ناري جي مڙس خالد لنڊ ۽ سس سميران لنڊ سميت 5 ماڻهن مٿان سندس ڌي کي ناحق بند ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو، پوليس ڪيس داخل ٿيڻ بعد مزدور آباد محلا ۾ ڇاپو هنيو، اهلڪارن گهر ۾ گهڙي عورت سميت 3 ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button