پاڪستانسنڌ

مٺياڻي ڀرسان پاڻي جي واري تان نوجوان قتل، هڪ ڄڻو مرڻينگ

مٺياڻي: مٺياڻي جي ڳوٺ صاحب خان ڀٽي ۾ پاڻي جي واري تان ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران فائرنگ ۾ 40 سالن جو غلام قادر عرف فتو ڀٽي ٿڏي تي قتل ٿي ويو. جڏھن ته شھمير ڀٽي مرڻينگ ٿي پيو. جڏهن ته نوجوان جي قتل بعد ڌريون مورچابند ٿي ويون. ٻي طرف واقعي جو اطلاع ملڻ تي ابڙان پوليس پھچي لاش تحويل ۾ وٺڻ بعد سول اسپتال نوشھروفيروز پهچايو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جنهن بعد مقتول جو لاش ڳوٺ محمد عرس ڀٽي کڻائي ويا. هوڏانهن قتل ڪيس داخل نه ٿي سگهيو. رابطي ڪرڻ تي وڏي منشي ٻڌايو ته ڌرين ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ لا پوليس اھلڪار مقرر ڪيا ويا آھن، مقتول جي وارثن جي اچڻ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button