پاڪستانسنڌ

ميهڙ لڳ زمين جي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، 3 ڄڻا زخمي

ميھڙ: ميھڙ ڀرسان ڳوٺ ٻنڊو ۾ ٻن ڌرين ۾ زرعي زمين جي تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو. جنھن ۾ گوليون ۽ ڏنڊا لڳڻ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا غلام عباس کوسو، حميد کوسو ۽ مجيد کوسو زخمي ٿي پيا آهن. جن کي تعلقه اسپتال ميھڙ پھچايو ويو. زخمين تعلقه اسپتال ميھڙ ۾ صحافين سان ڳالھائيندي ٻڌايو ته بااثر اسان جي گھرن مٿان حملو ڪري ڏنو، جنھن ۾ اسان جا 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. ھنن چيو ته حملي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button