سنڌ

لاڙڪاڻي مان نوجوان ڇوڪري مبينا اغوا، وارثن جو ٿاڻي اڳيان احتجاج

لاڙڪاڻي جي الھ آباد ٿاڻي جي حد گوليمار گھٽي مان 16 ورهين جي ناري صائمه ڌيءَ سڪندر مڪراني مبينا طور اغوا ٿي وئي. اهڙي واقعي خلاف سندس وارثن پاڪ ڪتاب کڻي الھ آباد ٿاڻي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي مبينا اغوا ٿيل ناري جي ما رابعه مڪراني صحافين اڳيان روئيندي الزام لڳايو ته آئون 5 ورهين کان گوليمار گھٽي ۾ رهندي آهيان، مڙس جي فوت ٿيڻ کانپوءِ گهر گهر ڪپڙو وڪرو ڪري پيٽ گذر ڪندي آهيان، ڪالھه ڪپڙا وڪرو ڪرڻ لاءِ گهران ٻاهر ويل هيس ته پويان منهنجي نياڻي صائمه مڪراني کي پاڙي واسي نوجوان صابر ميمڻ ڪار ۾ اغوا ڪري ميهڙ کڻي وڃي لڪائي ڇڏيو آهي. اهڙي شڪايت مون صابر ميمڻ جي ما ماروي ميمڻ کي ڏني، جنهن مون کي ڌيءَ واپس ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي پر هن وقت تائين منهنجي ڌيءَ واپس ناهي ٿي، جنهن جي حياتي کي خطرو آهي، ان ڪري مجبور ٿي پاڪ کڻي الھ آباد ٿاڻي پهتي آهيان. منهنجي لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل آهي ته اغوا ۾ ملوث صابر ميمڻ ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪري ڌيءَ کي بازياب ڪرائي ڇانيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button