سنڌ

حيدآباد ۾ راڳي برڪت فقير جي نوجوان پٽ جو لاش مليو

حيدرآباد ۾ راڻي باغ ڀرسان واڌو واهه مان ڀلوڙ راڳي برڪت فقير جي 25 سال جي نوجوان پٽ مهر علي جو لاش مليو. ڪينٽ پوليس پهچي لاش سول اسپتال آندو. پوسٽ مارٽم ڪري لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. خبر موجب حيدرآباد ۾ راڻي باغ ڀرسان ڪينٽ ٿاڻي جي حد ۾ واڌو واهه مان موٽرسائيڪل سوار 25 سال جي نوجوان مهر علي فقير جو لاش مليو. روڊ تان نوجوان جو موٽر سائيڪل مليو. نوجوان جو لاش ڏسي ماڻهن 15 مددگار تي اطلاع ڏنو. نوجوان جي سڃاڻپ ڪارڊ مان سندس ايڊريس نئون ڪوٽ جي ملي. ڪينٽ پوليس نئون ڪوٽ پوليس کي فون ڪري نوجوان جي لاش هٿ اچڻ جو اطلاع ڏنو. نئون ڪوٽ پوليس وري نوجوان جي گهرڀاتين کي اطلاع ڏنو، جنهن کانپو حيدرآباد جي سنڌ ميوزم ڪالوني ۾ رهندڙ راڳي برڪت فقير کي پٽ جي لاش ملڻ جو اطلاع ڏنو ويو. پوليس پوسٽ مارٽم ڪرائي لاش وارثن حوالي ڪيو. نوجوان جي والد ۽ راڳي برڪت فقير ميڊيا کي ٻڌايو ته پٽ جو واڌو واهه مان لاش مليو آهي. خبر ناهي ته پٽ کي قتل ڪيو ويو آهي ياد حادثو ٿيو آهي. پٽ جي فوت ٿيڻ جي پوليس شفاف جاچ ڪرائي، ڪٿي پٽ کي قتل ته نه ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پٽ 12 وڳي ڌاري گهران نڪتو هو، جنهن جو موبائل فون به بند ملي رهيو هو، جنهن کانپو لاش ملڻ جو اطلاع مليو. نوجوان پٽ جو موبائل فون به گم آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button