سنڌ

ڪوهستان ۾ زمينن تي قبضن خلاف حيدرآباد ۾ ريلي

ڄام شورو اتحاد، سنڌ پالاري اتحاد، ڏيٿا برادري ۽ باشعور عوام پاران ڪوهستان ۾ غريب عوام جي زمينن تي قبضي خلاف شھباز بلڊنگ کان پريس ڪلب حيدرآباد تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي خالد ڏيٿو، ڊاڪٽر علي دوست پالاري، عطا محمد پالاري، گلفام شورو ۽ ٻين چيو ته ٿاڻو بولا خان جي ڳوٺ حاجي خميسو ڏيٿو جي ڏيٿا برادري جي اباڻي زمين سروي نمبر 113 تي قبضو ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته زمين تي قبضي لاءِ ملڪ اسد سڪندر جي ماڻهن قاتلاڻو حملو ڪري ڳوٺاڻن کي زخمي ڪيو. ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو، جڏهن ته اسپتال ۾ علاج به نه پئي ڪيو ويو. هنن مطالبو ڪيو ته زمين تان قبضو ختم ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button