پاڪستانپنجاب

پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ نه ڏبي، نواز ليگ جو آخري حد تائين وڃڻ جو فيصلو

نواز ليگ پنجاب اسيمبلي کي ٽوڙڻ خلاف رستي روڪ لا آخري حد تائين وڃڻ جو فيصلو ڪري ورتو، ماڊل ٽائون لاهور ۾ ن ليگ جي پارٽي سيڪريٽريٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حمزا شهباز جي صدارت هيٺ پارلياماني ايڊوائيزري ڪميٽي جي اجلاس کانپو نواز ليگ جي حڪمت عملي سامهون اچي وئي. ٻن ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت تائين ڀرپور نموني صلاح مشورو ڪيو ويو، ان دوران عمران خان طرفان صوبائي اسيمبليون ٽوڙڻ واري منصوبي کي روڪڻ لا پنجاب ۾ گورنر راڄ لڳائڻ سميت مختلف آپشن غور هيٺ آندا ويا. ن ليگ جي اڳواڻ عطا تارڙ اجلاس جي پڄاڻي تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسيمبلين جو مدو مڪمل ٿيڻ گهرجي، پنجاب اسيمبلي کي ٽوڙڻ وارو عمل روڪڻ لا هر حربو استعمال ڪيو ويندو، سپريم ڪورٽ ۾ نواز ليگ طرفان داخل پٽيشن تي شنوائي جي اپيل به ڪبي. هن چيو ته پنجاب جي وڏي وزير خلاف بي اعتمادي رٿ ۽ گورنر طرفان وزيراعليٰ کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ سميت مختلف آپشن غور هيٺ آهن، ن ليگ جي پارلياماني پارٽي آخري حد تائين ويندي، تحريڪ انصاف جا پنهنجا ميمبر به اسيمبلي ٽوڙڻ جي حق ۾ نه آهن، اهي اسان سان رابطي ۾ آهن. هن چيو ته گورنر وٽ اختيار آهي ته وڏي وزير کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو چئي، سڀاڻي (اڄ) اتحادي جماعتن سان به مشورو ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته حمزا شهباز جي آزاد اميدوارن سان ملاقات طئي ٿي وئي آهي، جمهوريت جي استحڪام لاءِ اسان ڪيتريون ئي قربانيون ڏنيون آهن، سپريم ڪورٽ ۾ اسان جون درخواستون رولڙي جو شڪار آهن، انهن کي ٻڌو وڃي. ن ليگ جي ترجمان عظميٰ بخاري چيو ته پنجاب اسيمبلي ڪنهن جي جاگير ناهي، پنجاب اسيمبلي ۾ ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ جون برابر سيٽون آهن، عمران خان پنهنجي مايوسي سبب صوبائي اسيمبلي ٽوڙڻ چاهي ٿو پر اسان صورت ۾ ان جي رستا روڪ ڪنداسين، سمجهه ۾ نٿو اچي ته پرويز الاهي ڪهڙي غلط فهمي ۾ مبتلا آهي، عمران خان جي چوڻ تي کيس غير قانوني قدم نه کڻڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button