پاڪستانسنڌ

ڇاڇرو ۾ سرڪاري اسڪول زبون، ڳوٺاڻن جو احتجاج

ڇاڇرو: ڇاڇرو ويجهو وڏي آبادي رکندڙ ڳوٺ مينھل بجير جي سرڪاري پرائمري اسڪول جي عمارت زبون ٿي وئي، جنهن سبب سوين معصوم شاگرد وڻ جي ڇانو هيٺان ويهي تعليم پرائڻ لڳا آهن. ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن محمد جميل، شاهنواز، امام علي بجير ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته اسڪول جي عمارت 10 سالن کان زبون آهي، چار سال اڳ طوفاني برساتن دوران اسڪول جي ڪمرن جون ڇتون ھيٺ ڪرڻ کانپوءِ ديوارن ۾ ڏار پئجي ويا آهن، ڪنهن به وقت ديوارون هيٺ ڪري سگهن ٿيون، ڳوٺ جا ٻار اسڪول اڳيان وڻ جي هيٺ ويهي تعليم حاصل ڪندا آهن، اسڪول جي عمارت جي مرمت لاءِ ڪيترائي ڀيرا چونڊيل نمائندن ۽ تعليم کاتي جي آفيسرن کي درخواستون ڏنيون، پر ڪير به ڌيان نٿو ڏي. هنن تعليم کاتي جي صوبائي وزير کان مطالبو ڪيو ته اسڪول جي عمارت جي مرمت ڪرائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button