پاڪستانسنڌ

برساتن سبب 30 بلين جو نقصان ٿيو: سکر ۾ سيمينار

سکر: سکر جي مقامي ھوٽل ۾ موسمي تبديلي جا تعليم تي اثر ۽ اسان جو معاشرتي ڪردار جي موضوع تي سيمينار ۾ ايمن بابر ۽ انور مھر خطاب ڪندي چيو ته تازين برساتي ٻوڏ سبب پاڪستان ۾ 30 بلين جو معاشي نقصان ٿيو آھي، موسمي تبديلي سبب چار ملين ٻار اسڪول نه پھچي سگھيا آھن، جڏھن ته ڪرونا وبا دوران 222 ملين ڇوڪريون ڏجيٽل آن لائن پري ٿي ويون، تازين برساتن سبب ڳوٺ، فصل ۽ اسڪول تباھه ٿي ويا آھن، تباھي سبب ٻھراڙين ۾ غريب امير ھڪ ٿي ويا آھن. سيمينار ۾ پيج جي ميمبرن ۽ پي سي اي طرفان ايمن بابر، سيد فھد حسين، ناري فائونڊيشن جي چيئرپرسن افشان اصغر، ماروي رورل ڊولپمنٽ آرگنائزيیشن جي سائرا سلمان، ھوا فائونڊيشن جي غلام نبي، الک آرگنائيزيشن جي شبير گبول، لوڪل گورنمينٽ جي شعور جوڻيجو، ساحل جي صوبائي ڪوآرڊينٽر برڪت انصاري، چائلڊ پروٽيڪشن يونٽ سکر جي آفيسر زبير مھر، ناري فائونڊيشن جي ايجوڪيشن پروگرام آفيسر شازيا عباسي، شڪيلا ڪنول، سائرا ڀٽي، خالد ٻانڀڻ، معذور ماڻھن جي اڳواڻ عرفان ڀٽي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button